قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد لڳ ڳوٺ ھاشم راھو مان 8 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل عورت جي بازيابي لاءِ سندس وارثن عورتن شھر جي مختلف تنظيمن جي مردن پاڪ ڪتاب کڻي ڪالهه چوٿين ڏينھن به پوليس ٿاڻي آڏو احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. انھن مطالبو ڪيو ته اسان جي مبينا اغوان ٿيل ثنا راھو کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.