بشريٰ بي بي جو عدت ڪيس جو فيصلو مهيني ۾ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت ڪيس جي اپيل جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ايڊيشنل سيشن  جج کي ڇو ٽرانسفر ڪيو ويو، اسان جي پهرين اپيل آهي ته سيشن جج شاهه رخ ارجمند کي محفوظ فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وڃي يا وري هاءِ ڪورٽ پاڻ اپيل ٻڌي فيصلو ڪري. هن چيو ٽين صورت اها آهي ته اپيل سيشن جج ويسٽ کي ٽرانسفر ڪئي وڃي، عدالت سيشن ڪورٽ لاءِ اپيل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ وقت مقرر ڪري، سيشن جج ايسٽ ٻڌي رهيو هو، هاڻ وري سيشن جج ويسٽ کي ڪيس ٽرانسفر ڪيو وڃي، ٻن ڏينهن ۾ ٽرائل ٿيو، هاڻ اپيلون به اهڙي ريت ئي ٻڌڻ گهرجن. خاور مانيڪا جي وڪيل راجا رضوان عباسي اپيل ايڊيشنل سيشن جج کان سيشن جج کي ٽرانسفر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته خاور مانيڪا جج تي اعتراض ڪيو، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي. رضوان عباسي چيو ته خاور مانيڪا ٻيهر اعتراض ڪيو ته سيشن جج معاملو هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ ايڊمنسٽريٽر سائيڊ تي اهي اپيلون ايڊيشنل سيشن جج ويسٽ کي موڪلي ڇڏيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سيشن ڪورٽ کي 10 ڏينهن ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي عدت ڪيس جي اپيل جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.