پگهاردار طبقي تي ٽئڪسن بابت اعتراض رد، وزيراعظم گهربل رليف نه ڏئي سگهيو\وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ اعتراض رد ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويندو، ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو آهي، 10 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب کي برقرار رکڻو آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تائين آڻڻ گهرجي، ان لاءِ مختلف ادارن کي بهتر بڻائڻو پوندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون، ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ به ضروري آهي جيئن بار ورهائي سگهجي. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ٻين عملدارن سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران صحافين بجيٽ ۾ پگھاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو . وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ٽيڪس بيس وڌائڻ اڻٽر آهي، مختلف ادارن جي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو، معيشت ۽ ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پروگريسو ٽيڪس سرندي وارن تي لڳايو ويندو. هن چيو ته 2 کان 3 سال ٽيڪس بيس جيئن جو تيئن اڳتي وڌائينداسين، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي کي جيئن جو تيئن لاڳو ڪيو ويندو، 3 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس قانون پوري طرح لاڳو ناهن ٿيا، نان فائلرز جي ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو تائين کڻي ويا آهيون. ناڻي واري وفاقي وزير موجب پگھاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگھون، پگھاردار طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي، ايف بي آر مان مداخلت ختم ڪنداسين هن چيو ته اڻ رجسٽرڊ معيشت جو خاتمو ڪرڻو آهي، 31 هزار ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن بار ورهائي سگھجي، اپريل ۾ ريٽيلرز کي پاڻمرادو رجسٽرڊ ٿيڻ جو چيو آهي، هلندڙ سال جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو. محمد اورنگزيب چيو ته فڪسڊ ٽيڪس کي مرحليوار ڏسي رهيا آهيون، ڪيش ٽرانزيڪشن ختم ڪري ڊاڪيومينٽ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪنداسين، آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 3 ڏهائي 5 ارب ڊالرز آهي.  ناڻي واري وزير چيو ته اسان وٽ ڊيٽا آهي ته ڪنهن وٽ ڪيتريون گاڏيون آهن ۽ ڪنهن وٽ ڪيتريون آهن. ڪير بل ڀري ٿو اسان وٽ شهرين جي لائف اسٽائل جي سموري ڊيٽا موجود آهي. هن چيو ته حڪومت جنهن به شعبي کي ڇڏي ڏئي، اوترو بهتر آهي، حڪومت کي خانگي شعبي کي اڳتي آڻڻ لاءِ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو.  ان بعد سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته اسان حلقن جي سياست ڪندا آهيون، اوهان جو درد سمجهون ٿا، پر ڇا توهان ڏٺو آهي ته هڪ سال اڳ پاڪستان ڪٿي بيٺو هو ۽ هاڻي بهتر ٿيو آهي.  ٿي سگهي ٿو ته شهباز شريف رليف ڏيڻ چاهي پر هو ڏئي نه سگهيو، پر ڪجهه معاشي حقيقتون آهن، جڏهن خسارو وڌي ٿو ته ان کي ڀرڻ جو هڪ طريقو آهي نوٽ ڇپائڻ يا ٻيو اهو آهي ته قرض وٺي ايندڙ نسلن تي بار وڌو وڃي. اسان انهن ٻنهي کي ڏٺو آهي، هي رستو ضرور مشڪل آهي پر جيڪڏهن ائين نه ڪريون ها ته سوچيو ڇا ٿئي ها.  ان موقعي تي صحافين پگهار دار طبقي تي ٽئڪسن خلاف احتجاج ڪيو. هڪ صحافي پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير کان سوال ڪيو ته دبئي ليڪس اچي وئي، ان ۾ موجود ڪنهن جنرل، سياستدان توڙي وفاقي وزير محسن نقوي کان ڪنهن پڇاڻو ڪيو، آمدني جا ذريعا پڇيا آهن ؟. هن سوال ڪيو ته پگهاردار طبقي مان گهڻن پٽ سائيڪل ئي ناهي ان باوجود مٿن بار وڌو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.