نئين دهلي (م ڊ) نريندر مودي ٽئين مدي جي لاءِ ڀارت جي وزيراعظم جو حلف گذريل ڏينهن 9 جون تي کنيو جنهن کان پوءِ ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ ن ليگ جي صدر نواز شريف کيس مبارڪباد پيش ڪري ڇڏي آهي، شهباز شريف لکيو ته نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ٻئي طرف ايڪس تي نواز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مودي پاران مسلسل ڪاميابي ڀارتي عوام پاران مٿس مڪمل اعتماد جو اظهار آهي، نواز شريف وڌيڪ چيو ته اچو ته نفرت کي اميد سان بدلايون ۽ 2 ارب عوام جي ترقي جو موقعو بڻايون