اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خواجه آصف علي چيو آھي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۾ ملوث دھشتگردن کي باني پي ٽي آءِ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد جي حمايت حاصل آھي، عمران خان جي دور حڪومت ۾ افغانستان مان چار ھزار جي لڳ ڀڳ پاڪستان ۾ آيل ماڻھو ئي تخريب ڪاري جي سرگرمين ۾ ملوث ۽ دھشتگردن جا سھولتڪار آھن، جن جي حمايت ۾ اڪثر عمران خان بيان ڏيندو رھيو آھي، ھن چيو ته داسو پروجيڪٽ تي چيني انجنيئرن تي ٿيل حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي چمن جي رستي افغانستان مان آئي ھئي جتي چيڪ پوسٽون پڻ آھن ۽ اھا گاڏي ڏھه ڏينھن چمن ۾ ھلندي رھي، جيڪا بارود سان ڀريل ھئي پر ان کي ڪنھن به روڪي چيڪ نه ڪيو، ڪو دھشتگرد ايستائين پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ناھي ٿيندو جيستائين انھن کي اندر جي ماڻھن جي مدد حاصل نه ھوندي آھي۔ خواجه محمد آصف چيو ته عمران خان جنھن اداري کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو رھي ٿو ۽ ڳالھيون به انھن سان ئي ڪرڻ چاھي ٿو، ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته نريندر مودي مسلمانن جو قاتل آھي کيس عام چونڊن ۾ اڪثريت نه ملڻ سبب ان جو غرور ڪجھه گھٽ ٿيو آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شھباز شريف مودي کي رسمي مبارڪ ڏني آھي کيس ڪو پريم پتر ناھي لکيو.