شاعر احمد فرهاد جڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي بازيابي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ جاري ڪري ڇڏي آهي،  مظفر  آباد جي عدالت ڪشميري شاعر احمد فرهاد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 24 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. شاعر احمد فرهاد کي مظفر آباد پوليس رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت ۾ بيان ڏنو ته احمد فرهاد کان جاچ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، پوليس وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڏيڻ بدران احمد فرهاد جو نامڪمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو. مظفر آباد جي عدالت احمد فرهاد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته احمد فرهاد کي 24 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت جي حڪم بعد گرفتار شاعر احمد فرهاد کي راڙا  جيل منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.