ڪراچي (م ڊ): ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي چيو آهي ته هن وقت ملڪي معاشي صورتحال غير معمولي طور خراب آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت ملڪ اهڙين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي پهريان ڪڏهن ناهن رهيون. وفاقي وصولين مان قرضن تي وياج ادا نه ٿو ٿي سگهي. ان لاءِ اهو وياج لاهڻ لاءِ ٻيو قرض وٺڻو پوندو. هن وقت وڏي خوفناڪ صورتحال آهي. ٻيو ته هلندڙ مالي سال ۾ اسان کي 22 ارب ڊالر پرڏيهي ادائگيون ڪرڻيون آهن، جيڪي آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان قرض وٺجي ته به ادا نه ٿي سگهنديون. ان لاءِ اسانکي دوست ملڪن کان به مدد وٺڻي پوندي. آءِ ايم ايف ۽ آمريڪا به پاڪستان کي بحران مان نه ٿا ڪڍي سگهن. ان لاءِ چين کان مدد وٺڻي پوندي. پر چين اڪيلو به ائين نه ڪري سگهندو، آمريڪا في الحال اسان کي چين کان مدد وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر اڳتي هلي آمريڪا سي پيڪ ۽ چين جي سيڙپڪاري تي عمل روڪڻ جو شرط رکندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان وياج وارو مسئلو حل نه ڪيو ته ٽن سالن کانپوءِ معاشي توازن واري صورتحال نه رهندي. هي وڏي خوفناڪ صورتحال آهي.