اسلام آباد (م ڊ/ع آ نيوز): وفاقي روينيو وڌائڻ لاءِ پيٽروليم ليوي تي 20 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. جنهن سبب خدشو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رليف عوام کي منتقل نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي طرح پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 60 کان 80 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هم نيوز موجب ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس مرحليوار وڌائڻ جي تجويز آهي، ان وقت پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس جي شرح ٻڙي آهي. ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، سيلز ٽئڪس ۽ ليوي وڌائڻ جي صورت ۾ اهو رليف عوام کي منتقل نه ڪيو ويندو. ايندڙ بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سبب کنڊ، گيهه، صابن ۽ مصالحن سميت مختلف شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. کنڊ جي في ڪلو قيمت تي سيلز ٽيڪس 18 کان 19 سيڪڙو، في ڪلو اگهه ۾ 5 کان 5 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان صابن جي قيمت ۾ 2 کان 5 رپيا، شيمپو جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا ۽ اليڪٽرونڪس شين جي قيمتن ۾ 15 کان 20 رپيا واڌ جو امڪان آهي. سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان سوين ميڪ اپ جون شيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سبب ڪپڙن جون درجنين شيون به مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي.