ڪراچي (رپورٽر)گهرو کاتي طرفان عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ جي حوالي سان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ جي گهرو کاتي موجب ڪو به شخص ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي مرضي کانسواءِ کلون گڏ نه ڪري سگهندو،
ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر يقيني بڻائين ته رڳو رجسٽرڊ جماعتون يا ادارا ئي کلون گڏ ڪن. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپ يا بئنر لڳائڻ تي پابندي هوندي، گاڏين تي پارٽي پرچم يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪري کلون گم ڪرڻ تي به پابندي هوندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته کلون گڏ ڪرڻ وقت ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو اجازت نامو گڏ رکڻ ضروري هوندو، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.