ڪراچي ۾ اغوائن ۽ ڌاڙن ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد مارجي ويو

ڪراچي ۾ حساس ادارن ۽ پوليس ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي صادق نالي هڪ مبينا دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.  پوليس جو چوڻ  آهي ته سعيد آباد ۾ مبينا دهشتگردن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ صادق عرف بلال عرف قاري عرف افغاني مارجي ويو.مبينا دهشتگرد ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي نيٽ ورڪ جو اهم ميمبر هو ۽ ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان لاءِ نوجوانن جي برين واش پڻ ڪندو هو. جوابدارن جو نيٽ ورڪ ڪراچي ۾ واپارين جي اغوا ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث آهي.پوليس موجب جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي 12 ڊسمبر 2023 تي عبدالرحمن نالي هڪ واپاري کي اغوا ڪيو هو ۽ واپاري جي والد کي افغانستان مان فون ڪري 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، پوليس موجب مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هڪ عدد هينڊ گرنيڊ ۽ ڪلاشنڪوف به هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هو 5 شهرين جي قتل ۾ به ملوث هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.