ملير ۾ کير جو دڪاندار ڦر مزاحمت تي قتل

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري قسم جي سرگرمين ۾ واڌ اچي وئي آهي، آئي ڏينهن شهرين جي جان مال محفوظ نه رهي، شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي، شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد حمل ڳوٺ ۾ هٿياربندن ڦورن کير جي دڪاندار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ان دوران دڪاندار جي مزاحمت تي هٿياربند ڦورن مٿس 3 گوليون هلائي دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد ڦورو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا .

واقعي واري هنڌ تي موجود علائقي واسين ميڊيا کي ٻڌايو ته سومر جي ڏينهن صبح جو ساڍي ستين وڳي کير جي دڪاندار باقر علي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ دڪاندار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو ۽ هو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، واقعي جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ شاهه لطيف ٽائون پوليس پهتي ۽ واردات واري هنڌ جو معائنو ڪري واپس هلي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.