ڪڪڙ (رپورٽ : شفيع محمد جنجهه)ڪڪڙ لڳ وسائي شاخ کي خانپور جوڻيجو وٽان 10 فٽ گهارو پئجي ويو، گھاري جو پاڻي ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ساريالو ٻجارو لوڙهي ڇڏيو، جڏهن ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو گھاري واري ھنڌ نه پهتو، ٻئي طرف آبادگارن قادر بخش جانوري ، اعجاز ملاح ، غني جويو ، محمود ساريو ، صاحب علي، زاھد جانوري ، حاجي اصغر سميت ٻين سخت گھاري واري ھنڌ احتجاج ڪندي آبپاشي عمدارن جي نااھلي خلاف نعريبازي ڪئي. آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن پاران وسائي شاخ سميت مختلف شاخن ۾ ڪيترن سالن کان اڃا تائين کاٽي نه ڪرائي سگھيا آھن کاٽي نه ٿيڻ ۽ بند ڪمزور ھئڻ ڪري شاخ کي 3 ڀيرو گھارو لڳو آھي جنھن ڪري پوکيل ساريالو ٻج گھاري ۾ لڙھي ويو جنھن ڪري اسان جو ڪيل لکين روپين جو نقصان ٿيو گھارو آبپاشي عملدارن جي نااھلي ھئڻ جو چٽو ثبوت آھي اڃا تائين شاخ کي لڳل گھارو بند نه ٿي ڪري سگھيا آھن، گھاري کي فورن بند ڪري ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.