رائونتي ڀرسان زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

رائونتي(ن ع آ )  رائونتي ڪچي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو  دوران ھڪ ڏينهن اڳ  قتل ٿيل ياسين شر جي پلاند ۾ ڳوٺاڻي  پٺو عرف پٺاڻشر کي قتل ڪيو ويو، ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان شر برادري جي ٻين ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو، جنهنجي نتيجي ۾ ھڪ ڌر جو ياسين شر قتل ٿي ويو ھيو جنهن بعد ياسين شر جي وارثن پاران پٺاڻ شر کي پيرا ڀيٽ لاءِ  چيو ھو ، جيڪو پيرا ڀيٽ ڏيڻ وڃي رهيو هو ته رستي ويندي ياسين شر جي ڌر فائرنگ ڪري پٺاڻ شر کي قتل ڪري ڇڏيو ،

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.