ايراني صدارت لاءِ ڇھن اميدوارن جو اعلان،احمد نجاد کي اجازت نه ملي

ايران ھلندڙ مهيني ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ  ڇهن اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويوآهي، جڏهن ته اڳوڻي ايراني صدر محمد احمدي نجاد کي هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي آھي.خابرو اداري ‘اي ايف پي’ موجب صدارتي چونڊن لاءِ جن اميدوارن جا دستاويز منظور ڪيا ويا آهن انهن جي اڪثريت قدامت پسندن جي آهي.

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ نئين صدر جي لاءِ چونڊون هلندڙ مهيني 28 جون تي ٿينديون.گهرو وزارت موجب ايران جي شوريٰ نگھبان  80 اميدوارن مان اميدوارن جي حتمي چونڊ ڪئي آهي. هي شوري ايران ۾ چونڊن جي نگراني ڪندي آهي، جن اميدوارن جي نالن جو  اعلان ڪيو ويو آهي، انهن مان صرف هڪ اميدوار اصلاح پسند ڪيمپ سان تعلق رکي ٿو.واضح رهي ته احمدي نجاد 2005ع کان 2013ع تائين چار چار سال ٻن مدن  لاءِ ايران جو صدر رهي چڪو آهي.

اولهه ۾ غير مقبول ھجڻ جي باوجود، احمدي نجاد پنهنجي رٿائن جي ڪري ايران جي غريب ۽ ھيٺين طبقن ۾ وڏي شهرت رکي ٿو.ھن کان اڳ جڏھن احمدي نجاد صدارتي چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو ھو تڏھن پڻ اھو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته نگراني ڪندڙ شوريٰ  ھن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن وڙهڻ کان روڪي سگهي ٿي. ڪنهن به اميدوار کي خامنه اي جي واضح ۽ مضبوط حمايت هجڻ لازمي آھي.

رپورٽن مطابق جن ٻين اميدوارن کي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي انهن ۾ پارليامينٽ جو موجوده اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ اڳوڻو ايٽمي ڳالھيون ڪندڙ اڳواڻ سعيد جليلي شامل آهن.صرف هڪ اصلاح پسند اميدوار مسعود پزشڪيان جو نالو اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل آهي. مسعود پزشڪيان  ايران جي پارليامينٽ ۾ تبريز جي نمائندگي ڪندڙ قانون ساز آهي. قدامت پسند اڳوڻي پرڏيهي وزير مصطفيٰ پور محمدي جي نالي جي به صدارتي اميدوار طور منظوري ڏني وئي آهي.ان کان علاوه تهران جي ميئر علي رضا زڪاني ۽ نائب صدر امير حسين زاده هاشمي جا نالا به اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل آهن.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي، جي هيلي ڪاپٽر کي گذريل مهيني 19 مئي تي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ حادثو پيش آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالحيان، تبريز ۾ جمعي جي نماز جو امام آيت اللھ آل ھاشم، اوڀر آذربائيجان جو گورنر جنرل مالڪ رحمتي سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ھئا.

ايران جي آئين موجب ابراهيم رئيسي جي وفات کانپوءِ ايندڙ 50 ڏينهن ۾ نئين صدر جي چونڊ ٿيڻي آهي. هن وقت تائين ايران جو پهريون نائب صدر محمد مخبر عبوري صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

محمد مخبر، ابراهيم رئيسي وانگر، ايران جي سپريم ليڊر، آيت الله علي خامنه اي جي ويجهن اڳواڻن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. 2021 جي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي جي ڪاميابي کانپوءِ محمد مخبر پهريون نائب صدر بڻجي ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.