وڌندڙ مھانگائي کي ڪيئن منھن ڏجي ؟

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

ملڪ اندر ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مھانگائي غريبن مسڪينن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي صرف ايترو نه  پر غريبن مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري کين خوشين جي جھڙي طاقتور خوراڪ کان کوکلو ڪري خالي ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب معاشري اندر غريب مسڪين اڪيلائپ سان گڏ بي حس مفلس پريشانين واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اسان منھنجي پاڻ ڪندا آھيون پھرين مھانگائي کي ھر ماڻھو آساني سان سمجھي چُڪو آهي جڏھن ته  ٻي مھانگائي کي ڪير سمجھڻ لاءِ تيار ناھي ته  اسان پاڻ ڪيئن مھانگائي ڪندا آھيون جڏھن مارڪيٽ ۾ حق حلال جو پورهيو ڪندي شين جي اگهن کي ٻيڻ تي مھانگو ڪري ھٿرادو مھانگائي ڪندا آھيون جيڪا غريبن مسڪينن سان وڏي ناانصافي سان گڏ ظلم زيادتي آھي. جيڪڏھن ھر دڪاندار واپاري سيٺ ريڙھي وارو پنھنجي شين کي جائز منافعي تي وڪرو ڪري ته  گھڻي ڀاڱي مھانگائي تي ڪنٽرول اچي سگھي ٿو. ٻي ھڪ اھڙي مھانگائي آھي جيڪا اسان غريب مسڪين ماروئڙا پنھنجي پاڻ سان ڪندا آھيون اُن مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ معاشري اندر ھر ماڻھو جي وس جي ڳالھه آهي. جيڪڏهن ھر ماڻھو پنھنجي گھر جي پگھار جي آمدني جي بجيٽ ٺاھي ان تي زندگي گذاري ته  معاشري اندر مھانگائي جو خاتمو اچي سگھي ٿو جيئن ھڪ ماڻھو جي پگھار 50 ھزار آھي ته  ان کي گھرجي ته  50 ھزار جيتري خواھش رکي انھن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر افسوس ته  اسان جي معاشري اندر اِھڙي بھترين ۽ سٺي سوچ رکندڙ ماڻهو گھٽ آھن جنھن جي ڪري ھر پاسي غريبن مسڪينن جون دانهون ڪوڪون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن.

جيڪڏهن اھڙي بچت ۽ آمدني جي اندر خرچ ڪرڻ وارا ڪجھه  ماڻھو آھن ته  انھن جي زندگي تمام گھڻي پُرسڪون خوشگوار گذري رهي آهي جيڪڏهن پريشان ۽ مھانگائي جا ستايل ماڻھو آھن ته  صرف اُھي آھن جيڪي گھٽ آمدني ھجڻ باوجود پنھنجي فضول خواھشن توڙي فضول خرچي تي ڪنٽرول نٿا آڻين. اھڙن ماڻھن کي گھرجي ته  پنھنجي فضول خواھشن توڙي فضول خرچين تي ڪنٽرول ڪيو ته  جيئن توهان به  خوشگوار زندگي گذاري سگھو جيئن اڄ کان 20 سال اڳ اسان جا وڏا خوشين ڀري زندگي گذاريندا هئا انھن جي خاص وجھ فضول خرچي کان پري ھوندا ھئا خاص ڪري پنڌ ھلڻ کي ترجيح ڏئي سٺي صحت واري زندگي گذاريندا هئا.

جڏھن ته  اڄ جي دؤر ۾ ھر غريب مسڪين ماروئڙا مھانگو پيٽرول خريد ڪري ٿوري ٿوري پنڌ تي موٽر سائيڪل تي سفر ڪندا رهندا آهن جيڪو پنھنجي پاڻ سان ظلم سان گڏ ھٿ سان مھانگائي کي دعوت ڏيڻ برابر آھي ان سان گڏوگڏ موبائل فون جو فضول ۽ غلط استعمال ڪري مھانگا پيڪيج ڪري فضول خرچي ڪرڻ به  مھانگائي جو ھڪ وڏو مثال آھي.

ٻي ڳالھه  ته  اڄ ڪلهھ گرمين جي موسم ھلي رھي آھي ھر ماڻھو جي خواهش هوندي ته  ٿڌي پاڻيءَ جو استعمال ڪندا رھون جيئن پرسڪون زندگي گذري سگھي پر پنھنجي بجيٽ کي ڏسي ڪوشش ڪيو ته  پراڻي دؤر کي واپس آڻي مٽيءَ جا 2.3 دِلا مٽڪا خريد ڪري انھن کي رات جو ڀري رکي ڇڏيو ته  سڄو ڏينھن ٿڌو پاڻي واپرائيندا ڪيو جيئن بچت جو بچت ۽ سٺي صحت به  رھندي گھڻو تيز ٿڌو پاڻي واپرائڻ ھٿ سان پنھنجي پاڻ کي بيمار ڪرڻ آھي. ان سان گڏوگڏ ڪوشش ڪيو ته  پاڻ ۽ پنھنجي گھروارن کي صرف چار کان پنج ڪپڙن جي وڳن تائين محدود ڪيو جيئن اُنھيءَ ڪم ۾ فضول خرچي کان پاسو ڪري ڇڏجي ته  بھتر ٿيندو.

پراڻي دؤر ۾ اسان جا وڏڙا ھڪ ٻن ڪپڙن وڳن تائين محدود ھئا تڏھن به  انھن جي زندگي خوبصورت خوشگوار گذرندي رھندي ھئي ان کان علاوه بار بار چانهھ واپرائڻ ھلڪو ڦلڪو نشو ڪري پنھنجي پاڻ سان ظلم زيادتيون ڪري پوءِ چوندا رھندا آھيون ته  مھانگائي وڌي وئي آهي بلڪل توهان جي مؤقف سان سؤ فيصد متفق آھيون پر اسان پنھنجي گريبان ۾ ڏسون ته  وڌندڙ مھانگائي کي منھن ڏيڻ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان ڪھڙا اُپاءَ ورتا آھن.

ايئن کڻي چئجي ته  جيتري تيزي سان معاشري اندر مھانگائي وڌي رھي آھي ايتري تيزيءَ سان اسان جي فضول خواھشن توڙي خرچين ۾ تيزيءَ سان واڌارو اچي رھيو آھي جنھن جي ڪري گھريلو مسئلا مسائل وڌي رھيا آھن جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنھنجي آمدني جي حد تائين خواھشن کي پورو ڪيو ته  بھتر ٿيندو جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ,, جيتري چادر ھجي ايترا پير ڊگھا ڪجن ،، ان کان ٻاھر نه  نڪرن ته  بھتر ٿيندو وڌندڙ مھانگائي کي منھن ڏيڻ ڪنٽرول ڪرڻ اجتماعي طور تي ھر ماڻھو جي وس جي ڳالھه  آهي اجتماعي طور تي سڀ ئي گڏجي پنھنجي فضول خواھشن توڙي خرچين تي ڪنٽرول ڪري مھانگائي کي منھن ڏئي سگھجي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.