عمران خان جو سپريم ڪورٽ کي ڳالهين جي حوالي سان خط لکڻ جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس طرفان عمران خان کي سياسي جماعتن سان ڳالهين جي مشوري تي پي ٽي آءِ باني راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ ان حوالي سان هن سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب عمران خان سپريم ڪورٽ کي ڳالهين جي حوالي سان خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو متن هن نوٽ ڪرائي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان موجب هو اهو خط ملڪ کي پيش معاشي ڏکيائين ۽ سياسي عدم استحڪام ختم ڪرڻ لاءِ لکي رهيو آهي ۽ سندس موقف آهي ته ملڪ کي پيش سنگين معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام ختم ڪرڻ لاءِ هو هر سنجيده ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.
ذريعن موجب خط جي نڪتن ۾ هن لکرايو آهي ته هو هر ڌر جيڪا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، ان سان ڳالهائي سگهي ٿو، جڏهن ته چونڊ مينڊيٽ جي واپسي، 9 مئي جڊيشل انڪوائري سميت ٻين سياسي ڪيسن ۾ فيئر ٽرائل ڪيو وڃي.
واضح رهي ته نيب ترميمن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عمران خان کي سياسي جماعتن سام ڳالهين جي صلاح ڏني هئي.

imrankhan pti chiefjusticeofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.