اسٽيٽ بئنڪ 4 ورهين کانپوءِ وياج جي شرح گهٽائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ 150 بيسس پوائنٽ گهٽتائي ڪئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو مان گهٽائي 20.5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي رسالي بلوم برگ موجب تازي گهٽتائي ملڪ ۾ 4 ورهين دوران وياج جي شرح ۾ ٿيندڙ پهرين گهٽتائي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو فيصلو اڄ ٿيندڙ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ نوٽ ڪيو ويو ته اميدن موجب فيبروري کان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ مئي جي مهيني جو آئوٽ ٽرن اميدن کان وڌيڪ بهتر رهيو.
واضح رهي ته ملڪ ۾ جون 2023 کان وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار هئي.

statebankofpakistan karachi bloomberg

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.