”نسيم به چوڪا هڻي ويو ، افتخار ۽ عماد ڇا پئي ڪيو؟ “ سڪندر بخت آپي مان نڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ تجزيي نگار سڪندر بخت چيو آهي ته جيڪڏهن نسيم شاهه ٻه چوڪا هڻي سگهي ٿو ته ڇا افتخار نٿو هڻي سگهي؟ ڇا عماد وسيم جنهن کي گهران کڻي آيا آهيون ته سائين اوهان اچو ۽ اسان لاءِ کيڏو، ڇا هو اِهي ٻه چوڪا نه پئي هڻي سگهيو.
هن سوال ڪيو ته اهڙو ڇا هو جو نسيم شاهه ٻه چوڪا هنيا ۽ جن بيٽر سمجهي کيڏايو ويو انهن چئن پنجن بيٽرن کان چوڪا نه لڳا، حيرت ان ڳالهه تي آهي ته ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي.
سڪندر بخت نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اڳتي وڃي اِها ٽيم ڪواليفاءِ نٿي ڪري، هاڻي لڳي ٿو ته نه ڪري سگهندي، ته انهن چئن پنجن ماڻهن کي ڪرڪيٽ مان فارغ ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته انهن ماڻهن کي اڃا ڪيترو موقعو ڏنو ويندو جو هو پرفارم ڪندا؟

T20worldcup2024 sikanderbakht Pakistancricketeam #IndvsPak

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.