اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان 29 سيپٽمبر 2026ع تي حوثي باغين طرفان مديني ۾ پاور ڊسٽريبيوشن اسٽيشن تي ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي وزارت جي بيان موجب، ”مسجد نبوي ﷺ کي بجلي فراهم ڪندڙ شهري بنيادي ڍانچي تي حملو هڪ سنگين اشتعال انگيزي آهي ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن لاءِ گهڻي ڳڻتي ۽ ڏک جو سبب آهي.“
بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته ”حرميـن شريفين جي تقدس ۽ عبادت ڪندڙن ۽ پانڌيئڙن جي سلامتي جو هر حال ۾ احترام ڪيو وڃي.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته”اسان اهڙن غيرذميواراڻن قدمن جي ترت ۽ غيرمشروط خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا، جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پڻ سنگين خطرو آهن.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان برادر ملڪ سعودي عرب سان پنهنجي ايڪي جو ٻيهر اظهار ڪري ٿو ۽ سعودي جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو، اسان حرميـن شريفين جي تحفظ، پنهنجي عوام جي حفاظت ۽ زائرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن ۾ ان سان مضبوطي سان گڏ بيٺا آهيون.“
پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو.
مديني ۾ مسجد نبوي صه جي بجلي مرڪز تي حملي جي مذمت، سعودي سان گڏ آهيون: پاڪستان
You might also like