لڪي مروت ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا، وزيراعظم سميت عسڪري قيادت جي شرڪت

لڪي مروت ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جي اداري آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي.
لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
ان کانسواءِ ڪيپٽن فراز الياس جو مڙهه سندس اباڻي علائقي چونيان پهچايو ويو جتي جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزيرن، عسڪري قيادت، ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهيدن جي ڪٽنب دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ڪيپٽن فراز الياس جي جنازي کي ڪُلهو پڻ ڏنو.
شهباز شريف ڪيپٽن فراز الياس شهيد وارثن سان سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته شهادت جو رتبو الله ڪنهن ڪنهن کي نصيب ڪندو آهي، ڪيپٽن فراز جي قرباني رائيگان نه ويندي، قرآن گواهي ڏئي ٿو ته شهيد زنده آهن، پاڪستان جي دشمنن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.
وزيراعظم ڪيپٽن فراز الياس جي ڳوٺ جو نالو شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻين آفيسرن ۽ جوانن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيا ويا جتي کين فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالو ڪيو ويو .
آءِ ايس پر آر موجب، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط بڻائن ٿيون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي آءِ اي ڊي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت ست جوان شهيد ٿي ويا هئا.

martyred funeralprayer ISPR PMShehbazShairf

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.