مون کي اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي، سڀ ڪجهه ڪرنل جي ڪنٽرول ۾ آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عمران خان چيو ته مون کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي. مون کي تياري لاءِ مواد ناهي مليو ۽ نه ئي مون کي وڪيلن سان ملڻ جي اجازت  ڏني وئي آهي. عمران خان جو موقف ٻڌڻ بعد چيف جسٽس چيو ته توهان کي مواد به فراهم ڪيو ويندو ۽ وڪيلن سان به ملاقات ڪرائينداسين. عمران خان چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڊيالا ۾ سڀ ڪجهه ڪرنل جو ڪنٽرول آهي. پي ٽي آءِ باني چيو ته هو پهريان به وڪيلن سان ملڻ چاهيندو هو . عمران خان چيف جسٽس کي چيو ته وڪيلن سان ملاقات جو حڪم جاري ڪيو وڃي. چيف جسٽس جواب ڏنو ته اوهان جي سامهون آرڊر لکندس. چيف جسٽس عمران خان کي چيو ته جيڪڏهن توهان قانوني ٽيم جون خدمتون وٺي وٺو ته پوءِ توهان کي نه ٻڌو ويندو. پي ٽي آءِ جي باني چيو ته تياري لاءِ قانوني شخص جو سهارو ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.