ارشد شريف قتل ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي  اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ صحافي حامد مير پنهنجي وڪيل شعيب رزاق سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت درخواست ۾ يوٽيوبر عمران رياض ۽ صديق جان جي ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر شعيب رزاق چيو ته ارشد شريف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪجهه به ناهي ٿي رهيو، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ آهي، ان ڪري هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل کي نوٽيس وٺي مدد گهرينداسين. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.