سنڌ سرڪار پاران بجلي صارفن کي 100 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ جي رٿا تيار

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي صارفين کي 100 يونٽن  تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سولر پارڪن ۽ مني گرڊ اسٽيشنن وسيلي سنڌ جي عوام کي 100 يونٽ تائين مفت بجلي مھيا ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر انرجي ۽ مني گرڊ لاءِ رقم رکي وئي آهي. سنڌ جي بجيٽ ۾ سولر انرجي لاءِ شروعاتي طور تي 5 ارب رپيا رکيا ويندا. هن چيو ته بجيٽ ۾ تمام رعايتي قيمت تي سولر پينل ڏيڻ جي اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي. 200,000 سولر پينل غريب ۽ وچولي طبقي کي ڏنا ويندا، سولر پينلن جي قيمت جو 80 سيڪڙو حڪومت برداشت ڪندي ۽ 20 سيڪڙو عوام کان وصول ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.