وزيراعظم کي ٻڌايو ته اسان ڪاريون رڍون ناهيون\جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس جي عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وزيراعظم کي چئو ته اسان ڪاريون رڍون نه آهيون. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ قومي احتساب بيورو (نيب) آرڊيننس ۾ ترميمن خلاف  داخل اپيلن تي ٻڌڻي شروع ڪئي، جنهن دوران عمران خان عدالت جي ڪمري نمبر 1 ۾ پيش ٿيو . خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عدالتي حڪم تي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي کي يقيني بڻايو ويو. ان ڪيس جي گذريل ٻڌڻي دوران عمران خان جي فوٽيج ليڪ ٿيڻ سبب عدالت روم نمبر هڪ تي ڪالهه سختي ڪئي وئي. ٻڌڻي جي شروعات تي خيبرپختونخواهه صوبي جي ايڊووڪيٽ جنرل درخواست ڪئي ته اڄ واري عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ ڪئي وڃي. ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل جي درخواست سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ 4 جي هڪ جي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏي. ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه شاهه فيصل پنهنجي درخواست تي دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته بينچ ۾ شامل جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هن عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ ٿيڻ گهرجي، ان تي چيف جسٽس چيو ته کيس لائيو اسٽريمنگ سان لاڳاپيل ڪنهن به درخواست جي جي ڪا خبر ناهي.  جڏهن وفاقي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ته اٽارني جنرل روسٽرم وٽ آيو ۽ چيو ته هن مخدوم علي خان جا دليل منظور ڪيا آهن. ٻڌڻي دوران نيب آرڊيننس ۾ ترميم بابت صدارتي آرڊيننس جو به ذڪر ٿيو، جنهن تي وفاق جي وڪيل چيو ته هو ان جي حمايت نه ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته قانون سازي پارليامينٽ ذريعي ٿيندي آهي آرڊيننس ذريعي نه ٿيندي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هن صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪيو آهي، ان تي چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو کيس (فاروق نائڪ) کي شرمسار نه ٿو ڪرڻ چاهي ڇو ته اهي آرڊيننس قائم مقام صدر جو آهي جنهن تي دستخط ڪيا آهن. اهو سندس پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) جو آهي. ان دوران جسٽس اطهر من الله اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعظم (شهباز شريف) چئي رهيو آهي ته عدليه ۾ ڪي ڪاريون رڍون آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته ان خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي. اٽارني جنرل چيو ته عدالتن ۾ ڪارا رڍون آهن وزيراعظم حاضر سروس ججن بابت اهو نه چيو. جسٽس اطهر من الله اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ڪاريون رڍون نه پر بمبل بيز آهيون. جيڪڏهن اسان ۾ ڪاريون رڍون آهن ته ان خلاف ريفرنس داخل ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا وزيراعظم عدليه ۾ ڪاريون رڍون چيو آهي. اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم حاضر سروس ججن کي ڪاريون رڍون ناهي چيو. جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته من پسند فيصلو نه اچڻ تي عدليه ۾ به ڪاريون رڍون نظر اچڻ لڳن ٿيون. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمران خان کي وڊيو ۾ ڏسڻ بدران سامهون رکيل مائيڪرو فون ڏسي ڳالهائي رهيو هو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته نيب قانون انهن تي لاڳو ٿيندو رهيو جيڪي حڪومت جي ڪنن کان ٻاهر رهيا، پوءِ اهي ئي ايندا جيڪي حڪومت ۾ ايندا، ٻيا ماڻهو نيب جي ماتحت ايندا. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اڪثريتي فيصلي ۾ نيب کي 100 ملين رپين جي ڪرپشن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته عدليه ڪرپشن جي حد ڪيئن طئي ڪري سگهي ٿي، اقليتي راءِ ۾ چيو ويو ته رٽائرڊ ججن ۽ رٽائرڊ جنرلن کي نيب قانون مان استثنيٰ (ڇوٽ) نه ملڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ نيب جي جاچ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هڪ جج کي نيب قانون کان ڪيئن ڇوٽٰ ڏئي سگهجي ٿو، جج مقدس ڳئون ڇو آهن، ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.