سرينگر(م ڊ)والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پوليس ٿاڻي ۾ گهڙي پوليس اهلڪارن تي حملو ڪرڻ جي الزام ۾ قابض فوج جي 3 ليفٽيننٽ ڪرنلز سميت 16 اهڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا مطابق ڪپواڙه ضلعي جي هڪ ٿاڻي ۾ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ڪپواڙه جي باٽاپورا ڳوٺ ۾ آرمي جي هڪ اهلڪار جي گهر تي ڇاپو هنيو جنهن کانپوءِ فوجي اهلڪارن تي ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو،ڀارتي فوج پوليس اهلڪارن تي حملي جي الزام کي رد ڪندي واقعي کي معمولي اختلاف قرار ڏنو آهي