پني عاقل ۾ مڙس هٿان ڪارنهن الزام ۾ زال قتل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي ۾ جوابدار پنهنجي گھر واري کي ڳوٺاڻي فلڪ شير مهر سان مبينا ڪارنهن الزام ڏئي  قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا عورت جو لاش پني عاقل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب پني عاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو مهر ۾ جوابدار گاجي مهر  پنهنجي گھر واري ناھيد  کي مائٽ نوجوان فلڪ شير مهر جنگي سان مبينا ڪارنهن الزام ڏئي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي پني عاقل اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو، ھوڏانهن ذريعن جو چوڻ ھو ته جوابدارن نوجوان ۽ عورت کي مبينا ڪارنهن الزام مڙھڻ بعد الزام هيٺ آيل عورت کي 8 ڪلاڪ يرغمال رکڻ بعد فائرنگ ڪري قتل ڪري لاش گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتولا عورت جو مڙھ رات ديرسان واقعي واري هنڌ تان کڻائي پني عاقل اسپتال منتقل ڪيو جتي رات ديرتائين مقتولا عورت جو لاش اسپتال ۾ پيل رهيو ٻئي طرف رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته  جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾  ناڪام وئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.