ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ،ٻه ڀائر قتل،ٻه زخمي

ڪراچي (حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي  جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي علائقي گرو مندر ويجهو چئن  موٽرسائيڪلن تي سوار اٺن هٿياربندن  گوليون هڻي ساجد اورنگزيب ۽ سندس ڀاءُ عمير اورنگزيب کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتولن جا ٻه ڀائر واجد اورنگزيب ۽ زبير اورنگزيب زخمي ٿي پيا. مقتول لسبيلا جا رھواسي ھئا. ايس پي جمشيڊ ڪواٽر علينه راڄپر جو چوڻ آهي ته ڪار تي فائرنگ مبينا طور دشمني تان ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جوابدارن ڪار تي ٻن طرفن کان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر قتل ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، جڏهن ته  هڪ محفوظ رهيو. هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس ذريعن موجب ڪار تي فائرنگ مبينا طور دشمني سبب ڪئي وئي، مارجي ويلن جو تعلق مشهور پشاوري آئس ڪريم جي دڪان سان هو. پوليس موجب پنجن ڀائرن کي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ وڃڻ دوران نشانو بڻايو ويو. ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ جو چوڻ  آهي ته مقتولن جي هڪ ٻي ڌر سان قتل واقعي تان  دشمني هلندڙ هئي، هوڏانهن سنڌ جي گورنر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.