لطيف يونيورسٽي جو رجسٽرار عدالتي حڪم تي گرفتار ۽ آزاد

سکر(رپورٽر) شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار نذير احمد مڱڻيجو پاران عدالتي حڪم نه مڃڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ  کيس ڪسٽڊي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد رجسٽرار پاران معافي گهرڻ تي عدالت پاران وارننگ ڏيندي ڪجهه دير ڪسٽڊي بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب: نيب پاران 2019 ۾ بيگناهه ٿيڻ باوجود مراعتون نه ملڻ خلاف شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي اختر علي ميمڻ ۽ اسسٽنٽ انجنيئر سڪندر علي ماهوٽو پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي تي رجسٽرار شاهه عبدالطيف يونيورسٽي نذير احمد مڱڻيجو عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن کي عدالت گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ تي ضمانت جوڳو گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو ويو، کيس ڪسٽڊي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد معافي گهرڻ تي کيس عدالت آزاد ڪندي پابند بڻايو ته درخواستگذارن جون مراعتون جلد کان جلد ادا ڪيون وڃن، ٻڌڻي دوران درخواستگذارن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته يونيورسٽي انتظاميا پاران اسان خلاف ڪوڙي ڪرپشن جو الزام مڙهي ڪيس نيب ڏانهن موڪليو ويو جنهن بعد ان ڪيس ۾ بيگناهه ثابت ٿيڻ باوجود اسان کي پنهنجون مراعتون نه پيون ڏنيون وڃن، عدالت شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار کي پابند بڻايو ته درخواستگذارن جون مراعتون جاري ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. واضع رهي ته ٻنهي درخواستگذارن خلاف يونيورسٽي انتظاميه ڪرپشن جو الزام مڙهيندي کيسن ڊيوٽي تان فارغ ۽ ڪيس نيب ڏانهن موڪليو هو جنهن ۾ هنن کي جيل پڻ ڪاٽڻو پيو جنهن بعد ڪيس ۾ بينگاهه ثابت ٿيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه هنن کي رهيل مراعتون نه پئي ڏئي تنهن خلاف هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.