ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي اربن نفسياتي ۽ منشيات اسپتال جي ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين اختر ڪراچي پريس ڪلب ۾سگريٽ نوشي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان آگاهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ پاڪستان ۾ سگريٽ نوشي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، پاڪستان اندر ننڍي عمر وارن ڇوڪرن جون سگريٽ نوشي جو رجحان وڌي رهيو آھي، جيڪو نھايت ئي خطرناڪ معاشي رجحان آھي، پاڪستان ۾ ھر ايندڙ ڏينهن سگريٽ نوشي ڪندڙن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيندو پيو وڃي. ھن چيو تھ پي ڊي ايڇ ايس پاران ڪيل سروي مطابق پاڪستان ۾10 سيڪڙو عورتون سگريٽ نوشي ڪن ٿيون، جڏھن تھ ملڪ اندر اسڪولن ۾تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان به سگريٽ نوشي ۾ ملوث رھن ٿا. ھن وڌيڪ چيوته ملڪ اندر منشيات جو استعمال وڌي رهيو آھي جنھن سبب ڪيترائي ماڻھو ساھھ جي تڪليف سميت مختلف خطرناڪ بيمارين وگھي زندگي گذاري رھيا آھن.