سکر (رپورٽ:آزاد مهر) ٻٻرلوءِ جي نوجوان صحافي حيدر مستوئي مٿان قاٿلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، صحافين ۾ تاءُ پکڙيل، ڊي ايس پي روهڙي فراز ميتلو اسپتال پهچي زخمي صحافي حيدر مستوئي جو بيان قلمبند ڪيو، حيدر مستوئي تي قاتلاڻي حملي خلاف پي ايف يو جي جي ڪال تي اڄ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ سکر جي نجي اسپتال ۾ عيادت لا3 پهتل صحافين سان ڳالهائيندي زخمي صحافي حيدر مستوئي جو چوڻ هو ته واقعو ڦر نه پر ٽارگيٽڊ حملو هيو، خان محمد پتافي ۽ آءُ اچي رهيا هئاسين ته بغير نقاب جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني منهنجي دوست خان محمد پتافي کي پسٽل جا بٽ هڻي پوئتي ڪري مون مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، چار گوليون هنيون ويون آهن جيڪي ٽنگ ۽ ٻانهن ۾ لڳيون آهن، حملو ڪندڙ ٽي جوابدار ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار هئا جوابدار ٻٻرلوءِ کان روھڙي طرف فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، ويران جڳهه ڏسي مون مٿان حملو ڪيو ويو مون کي پنج گوليون لڳيون جن مان چار گوليون ساڄي ٽنگ ۽ ھڪ گولي ٻانهن ۾ لڳي، زخمي صحافي حيدر مستوئي جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽرن همت ڪري ٽنگ مان ٽي گوليون ڪڍي ورتيون ۽ هڪ گولي ٽنگ ۾ رهيل آهي اڄ شام چار بجي آپريشن رٿيل آهي.