ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

ميرپورماٿيلو( پريم راٺوڙ) ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي  ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ميڙاڪي ۾ مختلف تنظمين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي اڳواڻن لطيف لغاري، سيد اشرف شاھ، ثاقب گڏاڻي،پريم راٺوڙ،مولانا اسحاق لغاري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ميرپور ماٿيلو جي سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي کي بي گناھ شهيد ڪيو ويو آهي، شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل کي هفتو گذري ويو پر افسوس سان سندس جا قاتل ۽ سهولت ڪار اڃان تائين گرفتار ناهن ڪيا ويا، جيڪا پوليس انتظاميه نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.