سنڌ ڪميشن فار جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن کي حملن تي ڳڻتي، شهيد نصرالله بابت رپورٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا جي ٻين عملدارن هڪ خانگي چينل سان لاڳاپيل صحافي حافظ معاذ جي محفوظ واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سکر ۾  ٽائم نيوز سان لاڳاپيل صحافي حيدر مستوئي تي فائرنگ واري واقعي تي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪميشن آءِ جي سنڌ کان ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جسٽس رٽائرڊ نذر اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر فهيم صديقي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد ۽ سي پي اين اي جبار خٽڪ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فهيم صديقي ٻڌايو ته ڪميشن پاران نوٽيس وٺڻ بعد حافظ معاذ جي بازيابي لاءِ پوليس اختيارين کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ، هو پنهنجي گهر واپس پهچي ويو آهي. ملاقات ۾ حافظ معاذ جي وطن واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سکر ڊويزن ۾ ٽائم نيوز سان لاڳاپيل صحافي حيدر مستوئي تي فائرنگ جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.چيئرمين جسٽس رٽائرڊ نذر اڪبر چيو ته سکر ڊويزن ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ هي ٻيو واقعو آهي، جڏهن ته سکر سان تعلق رکندڙ جان محمد مهر جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن. ڪميشن ڊي آءِ جي سکر کان حيدر مستوئي تي فائرنگ واري واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، جڏهن ته آءِ جي سنڌ کان نصرالله گڏاني قتل ڪيس جي جاچ ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.