ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ گلشن معمار جي علائقي افغان ڪيمپ ۾ هڪ ڇوڪرو فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ 12 ورهين جي شاهه محمد ولد شير خان طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته خانگي اسڪول جي پرنسپال امين الله پوليس کي ٻڌايو ته گهٽي ۾ نظام الدين مقتول سان شرط رکي هئي ته جيڪڏهن تون سرڪو پيئندين ته هو توکي هڪ سئو رپيا ڏيندو. پرنسپال ٻڌايو ته ٻار جذبات ۾ اچي وڏي مقدار ۾ سرڪو پي ۽ ان جي مٿان ڪولڊرنڪ به پيتي ، جڏهن ته هڪ سئو رپين جي شرط کٽي ورتي. پرنسپل جي بيان کانپوءِ پوليس نظام الدين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
-
گم ٿيل شهرين بابت صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس گهرائڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل 14 ورهين جي نينگري سميت ٻين شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 14ورهين جي افشان حيدري مارڪيٽ مان 3 سال اڳ گم ٿي وئي هئي.نينگري 3 سالن کان گم آهي، پوليس اڃا تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا ويا؟جاچ آفيسر چيو ته رڪشا هلائيندڙ ڪجهه عورتن کي ٻڌايو هو ته هن افشان سان شادي ڪئي آهي ۽ کيس وٺي آيو آهي.عدالت ڇوڪري جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،جڏهن ته 2018ع کان گم ٿيل عمر صديق جا وارث عدالت ۾ روئي پيا. عدالت عمر صديق، افشان ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو