”شهيد نصرالله جا قاتل آزاد ڇو“ڀان سيد آباد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڀان سيدآباد (آدم مينگل )شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل آزاد ڇو؟“: ڀان سيدآباد ۾ عوامي آواز جي سڏ تي صحافين، شهرين ۽ سياسي تنظيمن پاران پيادل مارچ ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، شهيد جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب ڀان سيدآباد کان جوهي موڙ تائين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو، قلم ڌڻي انڊس هاءِ وي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مظاهرين پاران ”ڀوتار ماءِ فوٽ“ ۽ سرداري نظام نامنظور جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن پريس ڪلب جي صدر مظفر علي کوکر، جنرل سيڪريٽري آدم مينگل، ذوالفقار علي مينگل، پرديپ ڪمار، ياسر شورو، عاشق مينگل، راشد عيسيٰ کوکر، عمران آرائين، ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپيئن اڳواڻ ڪامريڊ انور پنهور، بدرالدين پنهور، ايس يو پي اڳواڻ علي اصغر شاهاڻي، علي رضا چنا، ساجد جوکيو، رجب علي بوذدار، ڪريم بخش جمالي، اداسي مظهر رودناڻي، دڪاندار ايسوسيئشن اڳواڻ غلام مصطفيٰ پنهور، منير احمد اوڍاڻو، محمد عيسيٰ جمالي، راهي خاصخيلي، حاجن چنا، ضياءُ الله مينگل، جيئي سنڌ محاذ ڪامريڊ نجف علي سولنگي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي کي سچ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.