شهيد صحافي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر ) آمريڪي پاڪستاني ۽ ري پبلڪن اڳواڻ علي شيخاڻي ميرپورماٿيلو ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪساس مان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي علي شيخاني شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهي پاڪستانين جو دل به نصرالله گڏاڻي جي وارثن جيان ڏکايل آهي. علي شيخاڻي شهيد صحافي جي وارثن کي فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو  اعلان ڪيو ۽ چيو ته قلم جي عظمت جو علم بلند ڪندڙن لاءِ هي ننڍو نذرانو آهي. آمريڪي پاڪستاني ڪاروباري شخصيت علي شيخاني چيو ته هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڪستان ايندو ۽ شهيد صحافي جي وارثن ملاقات به ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.