ڪورٽ رپورٽرن کي عدالتي ڪارروائين جي رپورٽنگ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪورٽ رپورٽرن کي روزاني جيان عدالتي ڪارروائين جي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيمرا جي 21 مئي جي نوٽيفڪيشن ۾ پابندي واري شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت صحافين کي روزاني رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري  ڪندي 6 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ ۾ عدالتي رپورٽرن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ريمارڪس يا مشاهدا نشر ڪرڻ سان عدليه بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.