ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجهه علائقا سخت هيٽ ويو جي هيٺ آهن جڏهن ته ڪالهه موهن جو دڙو پاڪستان جو گرم ترين هنڌ بڻجي ويو، جتي گرمي پد 53 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. رپورٽ موجب جيڪب آباد ۾ گرمي پد 52 رڪارڊ ڪيو ويو. دادو ۾ 51، پڊعيدن، نوابشاهه، مٺي ۾ گرمي پڌ 48 رڪارڊ ٿيو آهي، رحيم يار خان ۾ 50، ڊيره غازي خان ۾ 48 ۽ ملتان ۾ 46 گرمي پد رڪارڊ ٿيو. ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهندو.