ڪراچي ( رپورٽر ) رينجرز جو سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو، شهري کي بچائي ورتو،ڊي آءِ جي ٻڌايو ته گرفتار شهري عراق کان ڪراچي پهتو هو، جنهن کي سي ٽي ڊي ٽيم حراست ۾ ورتو ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ چيو ته سي ٽي ڊي اهلڪارن حراست ۾ ورتل شهري بابت اعليٰ اختيارين کي اطلاع نه ڏنو ۽ نه ئي انٽري ڪئي وئي. سي ٽي ڊي جي ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار معطل ۽ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، معطل ٿيل اهلڪارن ۾ سب انسپيڪٽر، اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل شامل آهن، سي ٽي ڊي ٽيم پهريان عليان جي گهرڀاتين کان 5 لک رپيا گهريا، پوءِ هڪ لک رپيا گهريو ويو هڪ لک رپيا رقم طئه ڪئي وئي
-
ڪراچي ۾ شهري جي فائرنگ، ڦورو مارجي ويو، ٻيو فرار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو. موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڌاڙيلن شهري کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي شهري لائسنسي هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو.ٻئي طرف سپر هاءِ وي تي ٽرالر ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جو لاش ۽ 10 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب مارجي ويل ٻارڙي جي سڃاڻپ 2 ورهين جي فرقان طور ٿي آهي،