تهران ( م ڊ ) ايراني حڪومت صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايراني ميڊيا موجب ايراني فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري برگيڊيئر علي عبدالله جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي جا ميمبر حادثي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي تباهي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ايران جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ آرگنائيزيشن جي سربراهه محمد حسن نومي جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ باهه لڳڻ جي باوجود صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين سڀني جا لاش سڃاڻپ لائق آهن ان ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ جي ضرورت ناهي. محمد حسن نامي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آيت الله محمد علي الهاشم جو لاش بهترين حالت ۾ مليو، هو هيلي ڪاپٽر حادثي جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ به زنده هو ۽ هن صدارتي آفيس جي سربراهه غلام حسين اسماعيلي سان فون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.