ڪراچي (رپورٽر ) انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي پاران گذريل ڏينهن مشهور شاعر احمد فرهاد جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ شريڪ اديب، شاعر ۽ دانشور احمد فرهاد جي بحفاظت بازيابي ۽ اغوا ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا هئا،ڌرڻي ۽ علامتي بک هڙتال ۾ شريڪ ساٿين جي هٿن ۾ معصوم پرياڪماري جي فوري بازيابي وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر به هئا ۽ اهي احمد فرهاد ۽ پريا ڪماري جي بازيابي ۽ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاء نعريبازي ڪري رهيا هئا۔ ڌرڻي ۾ شريڪ اديبن ۽ شاعرن انجمن ڪراچي جي صدر سيد ڪرم علي شاه ڪرم، رياض شاھد دايو ، عبدالخالق زدران، وليم صادق، منصور کوکر، نديم سبطين، گل محمد منگي، نعيم شيخ، محمد صفدر، لطيف راولاڻي، رانا روشان، لياقت عباسي ۽ ٻين چيو ته احمد فرهاد هميشه حق ۽ سچ جي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ هو پيڙهيل ماڻهن لاءِ حبيب جالب جهڙو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو آهي