پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جيل مان آزاد

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جيل مان آزاد ٿي ويو آهي چوڌري پرويز الاهي ڪوٽ لکپت جيل مان ظهور الاهي محل پهچي ويو آهي.واضح رهي ته اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ ڀرتين ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سلطان تنوير محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ضمانت واري درخواست منظور ڪري  ورتي،   رپورٽ موجب پنجاب پوليس 9 مئي تي پرويز الاهي کي 20 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو، کيس لاهور ۾ 3، فيصل آباد ۾ 4 ۽ راولپنڊي ۾ 11 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو، پرويز الاهي کي اٽڪ ۽ گوجرانوالا ضلعي ۾ به هڪ هڪ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.