اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) بجلي صارفين تي ٻيهر کان اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي. نيپرا درخواست تي 30 مئي تي ٻڌڻي ڪندو. درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي 3 روپيه 49 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سي پي پي اي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست جي منظوري سان صارفين تي 34 ارب جو اضافي بار پوندو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپريل ۾ فرنس آئل ۽ ڊيزل مان بجلي پيدا نه ڪئي وئي، هڪ مهيني ۾ بائيڊل مان بجلي جي پيداوار 22.96 سيڪڙو رهي. مقامي ڪوئلي مان 10.19 سيڪڙو مقامي گيس مان 11.28 سيڪڙو پيداوار رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مقامي گيس مان 11.8 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. اپريل ۾ درآمد ڪيل ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار تقريبن 25 سيڪڙو جڏهن ته جوهري ٻارڻ جي تيل مان 23.64 سيڪڙو رهي.
-
آءِ ايم ايف نيٽ ميٽرنگ ختم ڪرڻ جو شرط ناهي رکيو:اويس لغاري
اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته آءِ ايم ايف طرفان نيٽ ميٽرنگ کي گراس ميٽرنگ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪو به شرط ناهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته اسان جي اندازي موجب 5 ڪلوواٽ سولر سسٽم جي لاڳت گذريل 2 سالن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، ٽرانسميشن سسٽم جي ڪمزوري سبب بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ 2 کان 3 رپيا واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ چوري ۽ مافيا هلي رهي آهي، جنهن جي ڪري به 5 رپين تائين جو فرق آهي. توانائي واري وزير چيو ته ڪجهه ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون پرائيويٽائيزيشن ڪرڻ چاهن ٿيون، جنهن سان قيمتون گهٽ ٿينديون.