عمران کي ٽيريان ڪيس ۾ نااهل ڪرڻ جي درخواست خارج

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مبينا ڌيءَ ٽيريان وائيٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي باني جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾  جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت به شامل هئا . شهري محمد ساجد طرفان وڪيل حامد علي شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز به عدالت ۾ موجود هو. جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته هن فائل ۾ بند لفافو آهي، ان کي کوليو، 2 ججن جو فيصلو آهي، 2 ججن درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏي آهي. عدالت حامد علي شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته ان حوالي سان اوهان ڇا ٿا چئو؟ جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته ٽن مان 2 جج دستخط ڪن ته ڇا اثر پوندو؟. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ 2 ججن جو فيصلو برقرار رکندي عمران خان خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.