اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي اقتصادي ٽيم آءِ ايم ايف سان ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ بابت آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٽيڪس هدف 1300 ارب رپيا وڌائڻ جي تجويز آهي. ايف بي آر نئين مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف 12 هزار 400 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بنيادي معاشي هدفن جي مقرري تي اختلاف برقرار آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف خوراڪ ، اناج ۽ توانائي لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين محدود رهڻ جو اندازو لڳايو آهي ۽ ناڻي واري وزارت ايندڙ سال واڌ جو هدف 3.7 سيڪڙو جي تجويز ڏني آهي. آءِ ايم ايف 12.7 سيڪڙو ۽ ناڻي واري وزارت 11.8 سيڪڙو مهانگائي جو اندازو لڳايو آهي. آءِ ايم ايف ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو اندازو 4.6 بلين ڊالر لڳايو آهي، جڏهن ته پاڪستاني اختيارين ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هدف 4.2 بلين ڊالر تجويز ڪيو آهي. برآمد ۽ ترسيلات مان مجموعي طور تي 61 بلين ڊالرن کان وڌيڪ آمدني متوقع آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ ملڪي برآمدات جو هدف 7.32 بلين ڊالر رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت 58 ارب ڊالر ۽ آءِ ايم ايف کي 61 بلين ڊالر جي درآمد جو اندازو لڳايو آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ايندڙ مالي سال لاءِ رسائي جو هدف 30.6 ارب ڊالرن جي تجويز ڪئي آهي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ مالياتي خساري جو اندازو 9600 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ وفاقي ترقياتي منصوبن لاءِ 1000 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ 12 هزار 400 ارب رکڻ جي تجويز آهي جيڪا هن سال جي ڀيٽ ۾ 1300 ارب رپيا وڌيڪ آهي. قرضن جي وياج لاءِ به 9700 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. پينشن بل ايندڙ سال 801 ارب مان وڌائي 960 ارب تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ڳالهين ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 530 ارب رپين جي بجيٽ رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد(رپورٽر): عالمي مالياتي فنڊ جي مطالبي تي دوائن تي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. وفاقي اختيارين موجب دوائن تي 10 کان 18 سيڪڙو تائين سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجي ٿو، ڪمپنيون ضروري دوائن کانسواءِ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري سگهن ٿيون. وفاقي عملدارن موجب دوائن جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فيصلو اڳوڻي نگران حڪومت ڪيو هو. ٻئي طرف ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته قيمتن ۾ واڌ ۽ سيلز ٽيڪس سان ماڻهن جي قوت خريد ختم ٿي ويندي، پاڪستان ۾ روزانو لکين ماڻهو دل، شوگر ۽ بلڊ پريشر جون دوائون استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته لکين ماڻهو ذهني مريض آهن. صحت ۽ ٻين بيمارين جي روزاني جي بنياد تي دوائون وٺن ٿا. ماهرن چيو آهي ته صحت سهولت پروگرام ۽ هيلٿ انشورنس ذريعي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.