اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)جسٽس محسن ڪياني جو ڀيڻيويو 6 مهينا اڳ نامعلوم ماڻهن هٿان کنڀجي ويو هو جنهن کان بعد ۾ جج خلاف بيان ڏياريو ويو،جسٽس محسن ڪياني ان ڪارروائي تي آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر تي شڪ ڪري ٿو ٻه ڀائر فوج ۾ ميجر آهن، هن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس انور ڪاسي جي دور ۾ مقرر ٿيو،هن کي ماضي ۾ انٽيليجنس ايجنسين پاران الرٽ جاري ڪيو ويو ته سندس گهر جون ڀتيون ننڍيون آهن تنهن ڪري دهشت گردي جو ڪو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، ورڪس کاتي پاران ان جي تعمير تي 40 لک رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو پر جسٽس محسن ڪياني انڪار ڪندي چيو ته مان ذاتي طور ڀتيون مٿي ڪري ڇڏيندس،هن تي ن ليگ پاران تنقيد ڪئي وئي ڇو ته جڏهن نوازشريف ٻاهرين ملڪ ويو هو ته هن رمارڪس ڏنا ته جوابدار ٻاهر ويهي مسڪرائيندو هوندو،سوال اهو آهي ته هو آءِ ايس آءِ اسلام آباد جي سيڪٽر ڪمانڊر جي ڳالهه ڇو ٿو ڪري؟برگيڊيئر فهيم رضا پنجن ڇهن سالن کان اسلام آباد ۾ مقرر آهي، هن جا ڊي جي سي جنرل فيصل نصير سان سٺا لاڳاپا آهن،
-
عمران جي ويجهي ساٿي جي اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت سان ملاقات؟
واشنگٽن(شاهد اسلم) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ويجهي ساٿي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم شخصيت سان ملاقات ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جو اهو اڳواڻ تي عمران خان کي وڏو اعتماد آهي، هو اڪثر خاموش رهندو آهي، هن جي اهم عسڪري شخصيت سان ملاقات ٿي آهي، پي ٽي آءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته عمران خان ڪيسن مان به بري ٿي رهيو آهي، عمران کي چيو پيو وڃي ته اليڪشن لاءِ ٿورو انتظار ڪريو،2025ع ۾ اليڪشن جو انتظام ڪيو ويندو