اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايجنسين جي ڪم تي ڪو اعتراض ناهي، اعتراض قانون کان مٿانهين ايڪشن تي آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل لاپتا ماڻهن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته ڏهن ورهين دوران ڪيترا ماڻهو گرفتار ٿيا ۽ ڪيترن کي گم يا هراسان ڪيو ويو؟ اٽارني جنرل جواب ڏيندي ٻڌايو ته انٽيليجنس ايجنسيون ڪنهن به ماڻهو کي هراسان نٿيون ڪري سگهن، معاملي ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي ڳُجهي ايجنسي کي هاڻي ٿاڻي ۾ سڏائينداسين. جسٽس محسن اختر چيو ته عدالت جج، وڪيل، صحافي ۽ پارليمنٽيرين ۽ ايجنسين کي قانون پٽاندڙ ڪم کان روڪڻ جي ڳالهه نٿي ڪري پر قانون جي خلاف ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته الزام آهي ته ڪيترائي ماڻهو ايجنسين جي تحويل ۾ آهن، اِهي کائيندا پئيندا به هوندا، جنهن جي خرچ جو بار به سرڪاري خزاني تي پوندو هوندو؟ ايجنسين جي فنڊن جي ڪا سالياني آڊٽ ٿيندي آهي؟ اسان پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي کي اثرائتو بڻايو آهي.ايجنسين جي ڪم تي ڪنهن کي اعتراض ڪونهي، اعتراض قانون کان مٿانهين ڪارروائي تي آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سياسي طور ان مسئلي جي حل تائين هي مسئلو حل نه ٿيندو، جنهن تي جسٽس محسن اختر سوال ڪيو ته مطلب اوهان مڃيو ٿا ته هي هڪ سياسي مسئلو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته رياست کي همدردي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ، اسان لاپتا ماڻهن جي ڪيسن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو رهجي ويو اِهو به ڪنداسين بس ٿورو وقت ڏنو وڃي. جسٽس محسن اختر وڌيڪ چيو ته ڪو ڪنهن جي طرفان پريس ڪانفرنس ڪري ٿو ته ڀلي ڪري ان سان فرق نٿو پوي، عدالتون انهن سمورين شين کان مٿانهيون آهن. عدالت گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد( بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني احمد فرهاد جي مبينا بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن گم ٿيڻ وقت کيس ڪجهه ٿيو ته ذميواري رياست تي عائد ٿيندي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل رياست طرفان عدالت کي يقين ڏياريو ته مبينا طور گم ٿيل شاعر احمد فرهاد کي ٻن ٽن ڏينهن ۾ بازياب ڪرايو ويندو. ان دوران ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته هنن آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر جي آفيس سان رابطو ڪيو پر هو موجود نه هو، جڏهن ته سندس جونيئر اسٽاف پوليس اهلڪارن کي ٻڌايو ته احمد فرهاد سندن تحويل ۾ ناهي. ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني ايس ايس پي آپريشنز کي چيو ته ان بيان کي قلم 161 سمجهي ان بابت داخل ڪيس ۾ ضمني طور تي لکت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان دوران درخواستگذار جي وڪيل ايمان مزاري دعويٰ ڪئي ته اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي تحويل ۾ آهن ۽ اهي ايجنسيون شروع ۾ انڪار ڪنديون آهن پر پوءِ کين حراست مان ڪڍيو ويندو آهي. عدالت چيو "اسان توهان جي لفظن جو احترام ڪنداسين ۽ جيڪو توهان چئو ٿا اهو سچ آهي، جيئن توهان رياست ۽ ان جي ادارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو،”.