ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ نگران حڪومت کي ڪلين چٽ، ذميواري آفيسرن مٿان مڙهي وئي

اسلام آباد(م ڊ) ڪڻڪ امپورٽ اسڪينڊل جي جاچ ۾ نگران حڪومت کي ڪلين چِٽ ملي وئي،  ذميواري  آفيسرن تي مڙهي وئي، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري  سميت 4 عملدار معطل  ڪيا ويا آهن. جاچ رپورٽ ۾ اسڪينڊل جي ذميوارن ۾ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي محمد آصف، اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل پلانٽ پروٽيڪشن اي ڊي عابد، فوڊ سيڪيورٽي ڪمشنر ڊاڪٽر وسيم ۽ ڊائريڪٽر فوڊ سيڪيورٽي سهيل شامل آهن. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري محمد آصف خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٻين ٽن عملدارن کي به معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.  اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود هئڻ باوجود پرڏيهه مان واڌو ڪڻڪ گهرائي وئي.  واڌو ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي، مارڪيٽ ڪريش ٿيڻ سبب آبادگار سستي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ذميوار آفيسرن تي ناقص پلاننگ ۽ لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.