ڪراچي ( م ڊ ) ڪوئيٽا پريس ڪلب جي بندش ۽ پي اي سي اي ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پريس ڪلب آڏو ڪارا جهنڊا هنيا ويا.ڪلب جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي چيو آهي ته ڪوئيٽا جي ضلعي انتظاميا کي پريس ڪلب جي معاملن ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي. ڪلب جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته آئين اظهار جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو، ڪوئيٽا پريس ڪلب جو تقدس پامال ڪيو ويو. ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اهو پريس جي آزادي ۽ آرٽيڪل 19 تي حملو آهي.