گهوٽڪي/پريم راٺوڙ(رپورٽ: ايم اقبال+ آزاد مهر) ميرپورماٿيلو جو سينئر صحافي ۽ عوامي آواز جو رپورٽر نصرالله گڏاڻي نامعلوم ھٿياربندن جي حملي ۾ سخت زخمي ٿي اسپتال عملي موجب کيس ٻه گوليون لڳل آهن،جنهن جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري ان کي رحيم يار خان منتقل ڪرايو ويو آهي، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو جي عوامي آواز جي عيوضي نصرالله گڏاڻي ڳوٺ کان گل بيڪ گڏاڻي کان ميرپورماٿيلو شھر طرف اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٽن نامعلوم ھٿياربندن چانڊيا پمپ ٽو وٽان گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو اتي موجود ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي صحافي کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو ويو، صحافي مٿان فائرنگ جي خبر باھ جيان پکڙجي وئي وڏي تعداد ۾ صحافي توڙي شھري سول اسپتال پهچي ويا، جتي سھولت نه ھجڻ ۽ حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري صحافي کي رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو، جڏهن پوليس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي کي نصرالله مٿان پويان حملو ڪيو ويو ۽ کيس ٽي گوليون لڳيون آهن.جڏهن ته حملي واري جڳھ تي اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته اسان کي گولين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ جڏهن پھتاسين ته صحافي ھيٺ ڪريو پيو ھو جنھن بعد اسان پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس اڌ ڪلاڪ ۾ پھچي زخمي کي کڻائي سول اسپتال پهچايو، جڏهن ته حملي آور فائرنگ ڪندڙ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ٻي پاسي صحافين،سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاج ڪندي نيشنل ھاء وئي بند ڪري ڇڏيو،سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي نيشنل ھاءِ وي بند ٿيڻ سبب گاڏي جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافر پريشان،سي آئي اي جي ڊي ايس پي منير ڦلپوٽو پاران مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ پھتو جتي صحافين ۽ شهرين پاران ڳالهين ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته بنادير جي حملي آورن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيا وڃن،جنهن بعد ھڪ دفعو ٻيهر ڳالهيون ڪيون ۽ يقين ڪرايو جنهن بعد روڊ کوليو ويو، جڏهن ته ٻي پاسي رحيميار خان شيخ زيد اسپتال ۾ صحافي جو آپريشن ڪيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، پي ايف يو جي جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالابندي ۽ پنجاب اسيمبلي جي پاس ڪيل ھتڪ عزت 2024 جي ڪاري قانون خلاف ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته عوامي آواز جي گھوٽڪي جي شھر ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي تي سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ جوابدارن حملو ڪري گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي. صحافي نصر الله گڏاڻي تي ٿيل حملو صحافت ۽ ھر صحافي جي مٿان حملو سمجھون ٿا. اھڙا واقعا صحافت جي آزادي جي رستا روڪ ڪرڻ آھي. صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پنجاب اسيمبلي پاران ميڊيا خلاف پاس ڪيل ڪارو قانون بنا دير واپس ورتو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. گهوٽڪي ۾ سينئر صحافي آزاد مهر،عرفان علي سومرو،يونس ڀٽو، عامر چنا،مشتاق شاهي لغاري،احسان ڪلوڙ، ماجد سنگهڙ ، مسرت مهر،نذير لانگاھ،جاويد کوسو،سماجي اڳواڻ اعظم چاچڙ،شڪور چاچڙ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،وڳڻ ۾ علي گل مغيري،ڪامريڊ حسين مغيري، ساجد بلوچ، عاجز چانڊيو، نادرعلي مغيري، ايم بخش خاصخيلي، ضمير چانڊيو، سرادر سومرو، آفتاب گل مغيري ميھڙ ۾ فراز چنا ، منظور مھيسر ، عبدالرحمن قمبراڻي، رياض چانڊيو ، جميل مھيسر ،عمران تيوڻو، صابر ڪولاچي ، عامر تيوڻو ، سڌير چانڊيو ، مير رياض سومرو ، جماعت اسلامي اڳواڻ مسعود مدھوش ،جي ڊي اي جي ڪائونسلر سيد عبدالفتاح شاھ ، وفا نادر چانديو ، ينگ اسٽوڊنٽس اڳواڻ عقيل ميمڻ ، غفار کوسو ، جان محمد جھنڊير ، آزاد چنا ،مير عادل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر ۾ آصف ظهير لوڌي، امدا بوزدار، احقر علي رضوي، جاويد جتوئي، جلال الدين ڀيو، سليم سهتو، شهزاد تاباڻي،نصرالله وسير،پيرو لاشاري ۾ محمد ميراڻي، ياسين جوڻيجو سرمند هڪڙو، ظهور ذوالفقار خاصخيلي، واصف عظيم قمبراڻي، مير سرفراز ٽالپر، محمد ملاح، ناهيد جوڻيجو ،پيروسڻ ۾ سجاد حسين چانڊيو ساقي نديم شر، عابد جمالي، عاشق مڱريو، آصف شر، الله ڏتو چانڊيو، راشد مجيداڻو، نثار حسين چانڊيو، انيس منڱريو،راڻيپور ۾ فياض راڄپر، عبدالرحيم سولنگي، فاروق دايو، شڪيل شيخ، سياسي سماجي اڳواڻ الطاف عباسي، آغا منظور انصاري، شوڪت گھانگھرو، ڊاڪٽر نظير کوکر ساجد منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ،ڪيٽي بندر ۾ علي رضا وڻجارو، الياس سمون، ممتاز ڪڙمون، مير عثمان سمون، سماجي اڳواڻ يعقوب سمون پير سڪندر شاھ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اسلم سمون، علي اڪبر گلڙي،مٽياري ۾ احتجاج جي اڳواڻي عوامي آواز مٽياري جي ضلعي رپورٽر ضمير خاصخيلي، سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي ،نعمان علي، عبدالغفور ملاح رجب علي، عريز ملاح، حارث ميمڻ، شبير پنهور، علي فيضان خاصخيلي، حافظ نويد خاصخيلي اسد الله ميمڻ، شاهد ميمڻ، شبير ملاح ،عارف ملاح ،ٽنڊو محمد خان ۾ غلام نبي ڪيريو ، رمضان شورو ، عبدالجبار بلوچ ، محمد صديق ڇيپو ، غلام قادر شورو ، ساحل اياز ، بشير چشتي ، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو، نائب صدر ناز شر، جنرل سيڪريٽري سيد رحيم شاهه ۽ سمورن ميمبرن پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاج ڪيو، پنوعاقل ۾ رستم انڍڙ ، الطاف حسين ڪلوڙ، انور علي جتوئي، نديم بوزدار ، شير سميجو، فدا ميراڻي، سنڌي ادبي سنگت جي بيخود بلوچ، امداد جسڪاڻي، پ پ شھيد ڀٽو جي اسحاق جسڪاڻي، محمود ڪلوڙ،خيرپور ۾ غلام قادر سومرو، ثناء الله ميمڻ، مختيار ڦلپوٽو، شاھد نواز سيال، سيد نعيم حسين شاھ جھول ۾ غلام قادر ملوڪاڻي، فقير منٺار ڪوري، بشير احمد بالادي، مير الطاف حسين ٽالپر، غلام نبي ملوڪاڻي، خان محمد خاصخيلي، محمد حسن وساڻ، لعل بخش بلوچ، عطاالله خاصخيلي، ميرپوربٺورو ۾ امتياز علي سومرو ،قاسم رنگريز جي اڳواڻي ۾،اوٻاوڙي ۾ عبدالحئي ڇڄڻ، غلام قمبر بوھڙ، مظفر حسين چارڻ عبدالغفار پنھور، محمد اسلم ڀٽو، مقبول احمد ملڪ، عبدالباسط ڀٽو، صوبان خان چھواڻ ڪراچي ايسٽ ۾ ن ليگ اڲواڻ غلام سرور تنيو صحافي بالاچ شاهاڻي ڪراچي ايسٽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر نزير رڄپر آصف علي شاهاڻي غلام الدين تنيو ،ممتاز شيخ، جلال الدين شاهاڻي، لڇمڻ ڪولهي، شهباز راڄپر، باسط سومرو جي اڳواڻي ۾،خانپور مهر ۾ شهزادو لاڙڪ، ميهر مهر،سريچند ڪپور، عبدالصمد پتافي، صدام بلوچ، محمد حسن مهر،منصور سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر ۾ حاجي مولا بخش مغيري، محمود شيخ، مير الطاف حسين بروهي، طفيل احمد چانڊيو ،عرفان علي گوپانگ، احمد علي ٻرڙو غوثپور ۾ عبدالغفار عبدالجبار اوڳاهي، شير زمان بجاراڻي، جمال الدين اوڳاهي، نثار احمد نصيراڻي ،جروار ۾ همت بوزدار ،غلام بوزدار، علي گوهر گبول، طارق مير،ولي محمد آصف بوزدار،ٺٽي ۾ اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، ڊاڪٽر شاھد صديقي، عبدالوھاب شيخ، ڀورو سرڪي، رمضان ميمڻ، رشيد جاکرو، حاجن سولنگي، محمد ايوب ملاح، يوسف دايو، ظھير علي، عباس علي، عرفان شيخ، شھمير سميجو، اظھار جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڳڙهي چاڪر ۾ صحافين ۽ شهرين غلام بوزدار،اسد خان،مور بوزدار،اسرار ممتاز سنديلو،ڪنڌڪوٽ ۾ علي حسن ملڪ ، غلام رسول ميراڻي، غلام ياسين اوڳاھي ،ممتاز سنڌي، جاويد ملڪ ،غلام مصطفي نندواڻي ،فخر نصيراڻي،ڏهرڪي ۾ اجيت ڪمار، سجاد حسين منگي،ساماري ۾ خان محمد خاصخيلي،سريش مالهي، لعل بخش خاصخيلي، ڏاتر بخش سينهڙو،ڪيول سورماڻي،بشير شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌ جي صحافين مٿان ڪرپٽ ڪامورن، نااهل چونڊيل نمائندن ۽ وڏيرن طرفان ڪوڙن ڪيسن سميت مٿن قاتلاڻا حملا ڪرائي غريب ۽ بي پهچ عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش هميشه کان جاري آهي،پر سنڌ جي غيور غيرتمند صحافين پنهنجي جانين جا نذرانہ پيش ڪري عوام جي دردن جي ترجماني ڪري، حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي،اڏيرولال ۾ فقير سڪندر ساهووال، عبدالغفور هنڱورو، جمعا خان ساھووال، گل محمد هنڱورو، ساجن ميرجت، عبدالرزاق ميرجت، ساگر راٺوڙ، خليل ساهووال، نور حسن هڪڙو، ممتاز ورياه، فضل بلوچ، شهزاد ساهووال ۽ ٻين چيو ته سنڌ صحافين لاءِ نوگو ايريا بڻجي چڪي آهي جيڪو به حق سچ لکي ٿو ته ان کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي م آندو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
-
مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ واقعي جو نوٽيس ورتو،آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چي ته صحافين سميت عوام جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سنڌ حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان صحافي تي ٿيل حملي جي رپورٽ گھري ورتي، ٻي طرف سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ نصرالله گڏاڻي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي چيو آھي تھ صحافين تي ٿيندڙ اهڙا حملا صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت تي حملو آهن. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ صحافين جو تحفظ سڀ کان اهم آهي، مٿن ڪنهن به قسم جو تشدد قبول ناهي، سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، اميد آهي ته جوابدارن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو
-
ڪي يو جي پاران نصرالله گڏاڻي تي ٿيل حملي جي مذمت،جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو
ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر فهيم صديقي. جنرل سيڪريٽري لياقت علي راڻا ۽ گورننگ باڊي پاران ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن پاران حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪي يو جي جي رابطا ڪميٽي آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
-
نصرالله جي جگر ۽ گردن کي گوليون لڳڻ ڪري نقصان
گهوٽڪي: سرجن مظفر علي ڊپٽي ايم ايس، شيخ زيد اسپتال چيو آهي ته عوامي آواز جو رپورٽر نصر الله گڏاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان ۾ داخل آهي،نصر الله گڏاڻي جي زندگي خطري ۾ آهي، گوليون لڳڻ ڪري هن جي مثاني،جگر ۽ گردن کي نقصان پهتو آهي
-
شرجيل ميمڻ جو عوامي آواز هيڊآفيس رابطو
ڪراچي(رپورٽر)سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عوامي آواز هيڊ آفيس ڪراچي سان رابطو ڪري هٿياربندن جي حملي ۾ مرڻينگ ٿيل ميرپورماٿيلي جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي جي معاملي تي مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي
-
ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار صحافي نصرﷲ گڏاڻي تي هٿياربندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن گهوٽڪي جي ايس ايس پي کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا،هن چيو ته صحافي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. واقعي جي جاچ ان جي سببن جو پتو لڳايو وڃي. هن چيو ته جاچ ڪري تڪڙي رپورٽ ڏني وڃي.
-
ڏوھارين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي: جماعت اسلامي سنڌ
ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا گهوٽڪي ضلعي جي سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان مير پور ماٿيلي ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي گھر ڪئي آھي ته واقعي جي اڻ ڌري ڇنڊ ڇاڻ ڪري ملوث ڳجھن ھٿن کي بي نقاب ۽ ڪرائي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.ھن چيو ته نصرالله گڏاڻي گھوٽڪي ضلعي جو ھڪ بھادر جاکوڙي ۽ بي باڪ صحافي رھيو آھي جيڪو پوليس سميت انتظاميا جي ناانصافين ڪارن ڪرتوتن ۽ مقامي بااثر ڀوتارن جي ظلم کي ميڊيا ذريعي وائکو ڪندو رھيو آھي . گذريل سال ساڳي ڏينھن ۾ ھن کي حق سچ لکڻ تي گرفتار ڪري جيل ۾ پڻ بند ڪيو ويو ھو.
-
زخمي صحافي کي ايئر ايمبولنس فراهمي لاءِ احتجاج
ڪراچي ( رپورٽر) روزانو عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ڪالھ رات ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ايڊووڪيٽ ماجد گبول، رحمت پتافي، شمس ڪيريو ذوالفقار راڄپر، شمس ڪيريو، قاضي اعجاز، جاويد مهر، شاہد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته هنگامي طور ايئر ايمبولنس وسيلي زخمي صحافي کي ڪراچي آغا خان اسپتال آڻي هن جي حياتي بچائي وڃي ۽ حملي آورن کي گرفتار ڪيو وڃي . هنن چيو ته ڪراچي شهر سميت سموري سنڌ جا صحافي تنظيمون نصرالله گڏاڻي تي حملي خلاف سراپا احتجاج آهن
-
نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪندڙ اصل ڪردار وائکا ڪيا وڃن: ميان مٺو
ڏهرڪي( ت ر)سابق ايم اين اي عبدالحق عرف ميان مٺو عوامي آواز ميڊيا گروپ جي بهادر صحافي تي ٿيل قاتلانه حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نصرالله گڏاڻي بهادر ۽ بي باڪ صحافي آهي جنهن هميشه سماج دشمن براين ۽ ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي للڪاريو آهي ميان مٺو چيو ته نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪندڙ اصل ڪردارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي مان هر موڙ تي صحافي برادري ۽ سندس خاندان سان گڏ آهيان
-
جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو: گهوٽڪي پوليس
گهوٽڪي:گهوٽڪي پوليس جي ترجمان موجب ته ميرپور ماٿيلو ۾ عوامي آواز جو رپورٽر نصرالله گڏاڻي صبع جي وقت پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان ميرپور ماٿيلو اچي رهيو هو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا،جنهن جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي کيس مقامي اسپتال منتقل ڪرايو جتان نازڪ حالت ۾ کيس پوليس جي نفري سان گڏ رحيميار خان ريفر ڪيو ويو آهي،پوليس ترجمان موجب ته صحافي امن جا عملبردار آهن انهن کي تحفظ ڏيڻ پوليس جي اول ترجيح آهي،جڏهن ته صحافي جي وارثن کي جلد کان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي،تمام جلد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو،
-
جسقم ۽ پي ٽي آءِ پاران سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان حملي جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، ڪراچي ڊويزن جي صدر راجا اظهر، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي اهي، سنڌ ۾ صحافين مٿان حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، حق سچ لکڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيندي پئي وڃي، هو صحافين سان گڏ آهن ۽ هر قانوني ممڪن مدد فراهم ڪندا. ٻئي طرف اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ عوامي آواز جي رپورٽر صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان حملي جي مزمت ڪندي چيو آھي ته نصرالله گڏاڻي گهوٽڪي ضلعي جو آواز آھي، قانوني اداران کي گهرجي ته حق سچ لکندڙن صحافين کي تحفظ ڏين.
-
نصرالله گڏاڻي جي مدد ڪير ڪندو؟ حامد مير
اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير جيونيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي گذريل سال هڪ جڙتو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن بعد سنڌ جرنلسٽس ڪميشن کيس ريسڪيو ڪيو،پر ڪالهه هن تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي، هاڻي ڪميشن جو چيئرمين جسٽس(ر) رشيد اي رضوي هن دنيا ۾ ناهي خبر ناهي نصرالله گڏاڻي جي مدد هاڻي ڪير ڪندو؟ وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته جرنلسٽ پروٽيڪشن بل کي حتمي شڪل ڏيڻ جي معاملي تي ڪابينا ۾ نڪتو اٿاريندس،ان بل تي عمل ٿيڻ گهرجي، صحافين تي حملن جي حوالي سان هڪ تنظيم سان اجلاس ٿي چڪو آهي،انهن واقعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي
-
گهوٽڪي جي وڪيلن پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر
گهوٽڪي: ميرپور ماٿيلو ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي مٿان نامعلوم هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ واري واقعي جي گهوٽڪي ۾ وڪيل برادري طرفان ايڊووڪيٽ فقير محمد ٽانوري،لال بخش گهوٽو،جنيد احمد سومرو،محبوب سومرو،اعجاز احمد مهر، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هنن چيو ته صحافي مٿان حملو ڪري حق سچ لکندڙ صحافين تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب ڪون ٿيندي صحافي حق سچ جو آواز آهن،هنن چيو ته ڏوهارين کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي ان ڪري ڏوهاري ڪڏهن صحافين کي ٽارگيٽ بڻائڻ ٿا ته ڪڏي ڪنهن بي گناه ماڻهون کي اغوا ڪرڻ سميت ڦرون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا،
-
سنڌ حڪومت ايئرايمبولينس جو انتظام ڪري: عمر چيما
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي عمر چيما ٽوئيٽ ڪيو آهي ته عوامي آواز(سنڌي اخبار) جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته کيس رحيم يار خان جي اسپتال مان آغا خان اسپتال ڪراچي منتقلي جو انتظام ڪري، جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻ شيرين اسد زئور فيس بڪ تي لکيو آهي ته اهي پرائيوٽ جهاز جيڪي وڏو وزير ۽ ٻيا وزير سالگراهن ۾ لاڙڪاڻي اچڻ وڃڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا اهي نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي آغا خان آڻڻ لاءِ استعمال ڇا نٿا ڪيا وڃن،ڪهڙي ڳالهه جو انتظار آهي؟ ڇا جان محمد مهر ۽ اجي ڪمار لالواڻي وانگر شهيد ٿيڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي؟