ڪوئيٽا پريس ڪلب  جي تالابندي ۽ اظھار جي آزاديءَ جو حق

ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تالابندي خلاف ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي صحافين احتجاج نوٽ ڪرايو آھي،ڪراچي جي صحافي برادري ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ اظھار جي آزايءَ خلاف اختيارين پاران ٿيندڙ منظم ڪاررواين جي نندا ڪئي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي مختلف تنظيمن ضلعي انتظاميا طرفان ڪوئيٽا پريس ڪلب کي بند ڪرڻ جي مذمت ڪئي آھي.

ملڪ ۾ ھر دور ۾ اظھار جي آزاديءَ تي وار ٿيندو رھيو آھي،جنھن جو اصل سبب اختيارين کي سندن ڪيل غلط ڪارين جي سامھون اچڻ سان ڳالھھ جي پڌري ٿيڻ جو خطرو رھيو آھي،وقت جي حڪومت ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي.تازو سوشل ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي آڙ ۾ حڪومت عوام جي حقيقي آواز بڻجندڙ صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۾ رڌل آھي.

ماس ميڊيا يا وري سڌ سماءَ جا ذريعا انساني شعور  جي اوسر، سکڻ، سمجهڻ توڙي سوچ و فڪر جي آبياري  ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. وقت گذرڻ سان گڏدنيا ۾ ميڊيا جي اھميت وڌي رھي آھي ،جنھن سان دنيا جي ڪنھن بھ ڪنڊ پاسي ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن سان گڏ اتي جي سياسي سماجي اٿل پٿل ۽ تبديلين کان ميڊيا ذريعي ئي آگاھي ملي ٿي.

پاڪستان ۾ ميڊيا ڪڏھن بھ آزاد نھ رھي آھي،ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان اھا پابندي جي ور چڙھيل  رھندي آئي آھي.پريس ۽ ڇپائي جي مشينري جڙڻ سان دنيا ۾ روشني خيالي جي تحريڪ  پئدا ٿي ھئي،جنھن  مدي خارج تصور کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو ھو، ھر دور جي اسٽيٽسڪو جي حامي ادارن نواڻ ۽ جدت کان منھن موڙڻ جي ڪري ميڊيا ۽ اظھار جي آزاديءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

انسان پنھنجي سماجي ۽ تھذيبي سفر ۾ جيڪي وڏا موڙ ڪاٽيا آھن، انھن ۾ پھرين ٻوليءَ جي  ايجاد اھم موڙ يا منزل ھئي، جڏھن لکڻ جي شروعات ٿي ۽ الفابيٽ جڙي جنھن سان انسان پنھنجي گونگائپ واري ڪيفيت مان ٻاھر نڪتو.اھي انساني تاريخ ۾ ان دور جا وڏا انقلابي موڙ ھئا.

انٽرنيٽ جي ايجاد ھاڻي دنيا کي گھڻو بدلائي ڇڏيو آھي.سڌ سماءَ جو پراڻو تصور بھ ختم ٿي ويو آھي،رسمي ميڊيا سان گڏ غير رسمي ميڊيا پڻ ميدان ۾ اچي وئي آھي،جيڪا ڪافي حد تائين رسمي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ھڪ ھٽي کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي.

سوشل ميڊيا جي سماجي رابطن واري عالمي اداري اڳوڻي ٽوئيٽر ۽ ھاڻوڪي ايڪس تي پاڪستان ۾ لڳل پابندي انسان جي بنيادي ڄاڻ جي واري حق جي مڪمل ڀڃڪڙي آھي، جنھن بابت عدليھ جي ڪوشش باوجود ان جو ڪو کڙتيل نھ نڪتو آھي.پھرين تھ اختيارين اھڙي ڪنھن بندش کان انڪار ڪيو پر معاملو عدالت جي دائري ۾ اچڻ تي انھن اھڙي حق کي انسان جي بنيادي حق تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.

ميڊيا ھڪ اھڙو آئينو آھي،جنھن ۾ سماج ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي اصل صورت ڏيکاري وڃي ٿي،جيڪڏھن ڪجھھ سماج ۾ غلط آھي تھ ان جو حل اھو ڪنھن بھ طرح سان نھ آھي تھ ميڊيا جي ذريعن تي بندش وڌي وڃي بلڪھ ان جو حل اھوئي آھي تھ ملڪ تي حڪومت ڪندڙ  ادارن کي بھتر ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي جئين ان ۾ سندس صورت يا شڪل بھتر نظر اچي سگھي.

ان جي ابتڙ ھر دور جي حڪومت غلط طريقو اختيار ڪندي غير قانوني ڪم ڪندي ميڊيا جو ئي ڳلو گھٽيندي رھي آھي.ڪنھن بھ ررت ڪوئيٽا جي ضلعي انتظاميا کي پريس ڪلب جي معاملن ۾ مداخلت جو حق ناهي ۽ اهو عمل پريس جي آزادي ۽ آئين جي سراسر ڀڃڪڙي آهي.جنھن سان نھ حڪومت نھ رڳو پنھنجو پر عوام جو وڏو نقصان ڪري رھي آھي.

صحافي اڳواڻن ۽ صحافتي تنظيمن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي تقدس پائمال ڪرڻ جي نندا ڪندي مطالبو ڪيو تھ واقعي ۾ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪ جي صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ڪراچي پريس ڪلب، پي ايف يو جي ۽ ڪي يو جي تي ٻڌل ،جي اي سي پڻ وفاقي حڪومت پاران پي اي سي اي .قانون ۾ ترميم ۽ پنجاب حڪومت پاران ڪيل ترميمن تي تحفظات جو اظهار ڪندي ٻنهي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اھي حل  ڪيا وڃن ۽ انهن قانونن ۾ ڪيل ترميم کي واپس ورتو وڃي.

دنيا ۾ ڪي ٿورا ئي سڌريل ملڪ ھوندا جتي صحافت آزاد ھوندي پر ٽين دنيا جي ملڪن جي سماج ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل ڌرين ۽ ادارن کي وڏي امتحان مان گذرڻو پئي ٿو.وري جيڪو معاشرو نيم جاگيرداري ۽ وڏيرڪو ھجي اتي ھڪ پاسي صحافين تي اھا ذميواري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي تھ وري ان جي لاءِ ھنن کي اڃان پڻ وڏي امتحان مان گذرڻو پئي ٿو.

ھن دور ۾ جڏھن دنيا ۾ انٽرنيٽ موجود آھي،ميڊيا جي لاءَ نوان طورطريقا ۽ نوان اوزار اچي ويا آھن تڏھن عوام جي آواز کي روڪڻ ۽ ان جي مٿان پابندي وجھڻ ڪنھن ديواني جو خواب ئي ٿي سگھي ٿو،اھڙي دور ۾ پڻ جڏھن رڳو ضلعي انتظاميا جي ڪنھن پريس ڪلب کي تالو ھڻي ڪري اھو سمجھي ٿي تھ ھن مظلومن ۽ بي آواز ماڻھن جو آواز دٻائي ڇڏيو آھي تھ اھو سندن وھم ئي ٿي سگھي ٿو.ان ڪري وقت جي حڪومت کي ھوش ڪندي اھڙي ڪنھن عمل کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ظلم جو دور ڪيترو بھ قھري ھجي اھو گھڻو وقت ھلي نٿو سگھي.

حڪومت پاڪستان،بلوچستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وفاقي ۽ صوبائي کاتي کي ھن حساس معاملي کي بابت تڪڙو تحرڪ وٺڻ گھرجي ۽ ڪوئيٽا پريس ڪلب کي لڳايل تالا کولڻ گھرجن،ڇاڪاڻ جو ڪنھن سڌريل سماج ۾ ائين ڪرڻ ڪنھن ڏوھ کان گھٽ نھ آھي.اظھار جي آزاديءَ عوام جو بنيادي حق آھي،جنھن جو دفاع ھر دور ۾ ھتي جو صحافي ڪندو رھيو آھي.اھو ھاڻي پڻ ان کي ڪرڻو آھي.

اسان سمجھون ٿا تھ وقت جي سرڪار کي اھڙي عمل تي رڳو زباني ڪلامي بيان نھ ڏيڻ گھرجي پر عملي طور تي ھن مسئلي کي محسوس ڪندي ھو حل ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.